15 جمعرات , نومبر 2018

اداڪاره ماهره خان پاران گڏيل قومن جي پناهگير ڪيمپ جو دورو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) اداڪاره ماهره خان چيو آهي ته اسان کي بي گهر ٻارڙن جي مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته ٻارڙا مستقبل جا معمار آهن.  اداڪاره ماهره خان پشاور ۾ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر  جي ڪيمپ جو خيرسگالي سفير طور دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ماهره خان چيو ته پهريون ڀيرو پشاور آئي آهيان، ٻارڙن سان ملي خوشي ٿي آهي، خوشي آهي ته مون کي ايتري ڀلي مقصد لاءِ چونڊيو ويو، گڏيل قومن طرفان جيڪا ذميواري ملي آهي تنهن کي نڀائينديس.  هن چيو ته بي گهر ٿيل ٻارڙن جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، بي گهر ٿيل ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارڙا شامل آهن، اسان کي سندن مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇو ته ٻارڙا مستقبل جا معمار آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے