18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |ميرپورخاص: ڊاڪٽر ديپڪ جو سرڪاري خرچ ته علاج نه ڪرائڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾هاف فراءِ ڪيل ڊاڪٽر ديپڪ جو سرڪاري خرچ ته علاج نه ڪرائڻ ۽ سندس پرگهور نه لهڻ خلاف ميرپورخاص ۾احتجاج ڪيو ويو.

متاثر نوجوان ڊاڪٽر ديپڪ جي وارثن ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن سميت ديپڪ راج جي وني سنيتا راٺوڙ خصوصي طور شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سنيتاراٺوڙ واضح ڪيو ته منھنجو مڙس ديپڪ راج ھڪ ڊاڪٽر آھي، جنھن کي اپريل 2015 تي پوليس ھوٽل تان چانھه پيئندي کنڀيو ۽ کيس گولين جو کاڄ بڻايو، جنھن ۾سندس ھڪ ڄنگھه ضايع ٿي وئي ۽ ھاڻ سندس ٻي ڄنگھه به ضايع ٿيڻ جو خطرو آھي.

هن چيو ته پوليس منھنجي مڙس کي شريف پنھور جي نالي سان ٽارگيٽ ڪري ڏوھاري ظاھر ڪيو، هنن جي ڀرپور احتجاج ۽ ميڊيا جي سھڪار جي ڪري ھن معاملي کي غلطي تسليم ڪيو.

سنيتا راٺوڙ چيو ته سنڌ سرڪار هنن سان سکڻا وعدا ته ڪيا ۽ هن کي پڻ نوڪري جو آسرو ڏنو پر اھي صرف واعدا ئي رهيا، ھن احتجاجي ڪئمپ جو مقصد پڻ ھڪ دفعو ٻيھر سرڪار جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ انساني ھمدردي جي بنياد تي وس وارن کي اپيل ڪرڻ آھي عوام پوليس جي ڪيل ظلم خلاف اڳتي اچي.

احتجاجي ڪئمپ ۾منظور ميمڻ، فقير قيصر، محمد خان مري، لالا اظھر، عبيد بنگلاڻي، غفار علي مراد شر، فقير يوسف منڱريو، منور سمون ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے