17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |ٺٽو: خواندگي جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي تعليم جي واڌاري لاءِ ڌار ريليون

ٺٽي ۾  خواندگي جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي  تعليم جي واڌاري لاءِ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.

گل حسن چوھاڻ، عمر سرائي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر ٺٽو کان پريس ڪلب تائين  جاڳرتا ريلي ڪڍي ويئي جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي حميد مھراڻوي، صفدر ٺٽوي  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تھ ٺٽي ضلعي ۾ تعليمي شرح  کي وڌائڻ لاءِ  سڀني شهرين کي  ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هنن چيو تھ  پنھنجن ٻارڙن سميت پاڙيسري ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪري بھتر تعليم مھيا ڪرڻي پوندي.

اڳواڻن  چيو تھ  تعليم انسان جي ٽئين اک آھي جنھن ذريعي ھو پوري ڪائنات کي ڏسي سگھي ٿو، تعليم کان سواءِ  قومن جو جياپو ناممڪن آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے