13 منگل , نومبر 2018

نيوز |وڳڻ: مختلف وارڊن  ۾بنيادي سھولتن جي اڻھوند  خلاف احتجاجي مظاهرو

وڳڻ  جي  مختلف وارڊن  ۾  بنيادي سھولتن جي اڻھوند  ، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سجاڳ نوجوان اتحاد جي سڏ تي شھرين ممتاز علي وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي سجاڳ نوجوان اتحاد جي اڳواڻن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ شھر کي ٽائون جو درجو ملڻ کي ٽي سال گذري ويا آهن.

هنن چيو تھ  ٽائون ڪاميٽي جي ھر مھيني لکين رپيا بجيٽ اچي  ٿي  پر ٽائون ڪاميٽي انتظاميا شھر ۽ مختلف وارڊن ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا آھن .

اڳواڻن چيو تھ شهر جي صفائي نھ ٿيڻ ڪري  شهر ۾ گندگيءَ جا ڍير  لڳي ويا آهن جنهن ڪري شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو تھ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  ٽائون انتظاميا جي نااھلي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شھر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي ھر مھيني ايندڙ بجيٽ صحيح نموني خرچ ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احٽجاج ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے