18 اتوار , نومبر 2018

صوبائي وزير مڪيش چاولا جي پي ايس جي گهر تي ڌاڙو، لکين رپيا روڪ ۽ سونا زيور کڻي فرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جي سنڌي وسندي ڀٽائي آباد ۾ صوبائي وزير مڪيش چاولا جي پي ايس کي گهرڀاتين سميت هٿياربندن غيرغمال بڻائي لکين رپيا روق ۽ سونا زيرو کڻي فرار ٿي ويا. گلستان جوهر جي علائقي سچل ٿاڻي جي حد ڀٽائي آباد ۾ صوبائي وزير جي پرسنل سيڪريٽري خالد حسين سومري جي گهر ۾ ڌاڙو هنيو ويو خالد حسين سومري جو ميڊيا سان ڳالهائندي چوڻ هو ته 5 نامعلوم هٿياربندن سندس گهر ۾ گهڙي غيرغمال بڻايو ۽ الماڙين جا تالا ٽوڙي 8 لک 80 هزار رپيا روڪ ۽ لکين رپين جا سونا زيرو کڻي فرار ٿي ويا متاثرن آءِ جي سنڌ، سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته فوري جوابدارن کي گرفتار ڪري هنن سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي ملير شيراز عباسي واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو ۽ کيس انصاف جي خاطري ڪرائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران 13 پوليس مقابلا، 4 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس گذريل هڪ هفتي جي مجموعي ڪارڪردگي تي ٻڌل رپورٽ  جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے