21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو

حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

پريس ڪلب آڏو سيوا جي صدر غلام نبي ڀلائي، سرائي اسحاق ۽ غلام مصطفيٰ چاندئي سميت ٻين ملازمن ڌرڻو هنيو.

ملازمن جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي غريب عوام جي مادر علمي آهي، جنهن کي تباه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته يونيورسٽي جي 4 هزار ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا ويا آهن ۽ ملازمن جي منظور ٿيل هائوسنگ اسڪيمن تي ڪم ڪرڻ نه پيو ڏني وڃي.

سندن چوڻ هو ته بجيٽ ۾ وڌايل پگهارن جو ڊفرنس به کين نه پيو ڏنو وڃي.

سيوا ملازمن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سندن جائز مطالبا مڃيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے