16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |سيتاروڊ : تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاڳرتا ريلي

سيتا روڊ ۾ تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

سنڌ پيپلز هيلٿ پروگرام جي ريجنل مئنيجر فيروز ميمڻ، غلام فاطمه ۽ امداد سولنگي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن توڙي ٻين جاڳرتا ريلي ڪڍي.

ريلي کي خطاب ڪندي استادن ۽ سماجي اڳواڻن چيو ته تعليم ئي انسان بڻائي ٿي، حقن جي حاصلات لاءِ اٿندڙ آواز تعليم جي ئي بدولت آهي.

هنن چيوت ه دنيا ۾ تعليم مفت ڪئي وئي آھي، پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائي سٺي شھري هجڻ جو ثبوت ڏيون.

سندن چوڻ هو ته پنهنجن ٻارڙن کي علم جي واٽ ڏسي ۽ جهالت کي ختم ڪري پنهنجو آئيندو سنواريون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| مٺي: پوليس پاران تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهتل جوڙو بااثرن حوالي ڪرڻ جو انڪشاف

مٺي ۾ وڄوٽو ٿاڻي تي تحفظ لاءُ پهتل شادي شده جوڙي کي پوليس عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے