16 جمعہ , نومبر 2018

وزير اعظم عمران خان جي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو. وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب وزير اعظم عمران خان ڪابينا ۾ 4 نون وزيرن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ عمر ايوب، علي زيدي، ميان محمد سومرو ۽ مراد سعيد شامل آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته عمر ايوب خان کي توانائي، علي زيدي کي بحري معاملا ۽ ميان محمد سومرو کي خانگائڻ وارو قلمدان ڏنو ويندو جڏهن ته مراد سعيد جي قلمدان جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڪابينا ۾ ٽي وفاقي وزير جڏهن ته مراد سعيد کي مملڪتي وزير بڻايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے