13 منگل , نومبر 2018

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي سرڪاري گاڏي گن پوائنٽ تي ڦرجي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي سرڪاري گن پوائنٽ تي کسي وئي. شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ غير معمولي واڌ آهي ۽ روڊن تي گهمندڙ جوابدار شهرين کان ڏينهن ڏٺي ڦر لٽ ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪراچي پوليس ان تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. شهر جو ميئر وسيم اختر به اسٽريٽ ڪرائم جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ سندس گاڏي گن پوائنٽ تي کسي وئي. ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان بخاري ۾ ڪراچي جي ميئر جي سرڪاري گاڏي کسي وئي جتي هٿياربند جوابدارن هٿيارن جي زور تي ڊرائيور کان گاڏي کسي. وسيم اختر واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي سائوٿ واقعي تي ايس ايڇ او ٿاڻي درخشان کي معطل ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسڪول فيسن ۾ واڌ، ڊي جي پرائيويٽ اسڪول سميت 4 اسڪولن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسڪول فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ واري معاملي تي سنڌ هاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے