15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |گمبٽ : فرزانا جمالي ۽ سندس والد غلط بياني ڪري رهيا آهن: عذرا پيچوهو

صحت واري صوبائي وزير عذره پيچو هو حراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي فرزانه جمالي  واري معاملي کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو آهي ته وي سي ۽ ليڪچرار رپورٽ ۾بيڏوهي ثابت ٿيا آهن.

صحت واري صوبائي وزير عذره پيچوهو گمبٽ ۾  گمس اسپتال پهچي مختلف وارڊن ، ليباريٽري آ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪيو .

اسپتال جي دوري  دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته فرزانه جمالي ڪوڙي آهي ان کي ڪنهن به حراسان ناهي ڪيو، جڏهن ته وي سي ارشد آرائين ۽ ليڪچرار شريف قسم جا ماڻهو آهن.

هن چيو ته فرزانه جمالي جو پيءُ وي سي سان ملڻ لاءِ ويو هو جيڪو ان جي والد سان نه ملڻ ڪري وي سي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر تي ڪوڙو الزام  لڳايو، جڏهن ته  ڪيتريون ئي شاگردياڻيون مارڪن لاءِ  ڪوڙ هڻنديون آهن.

هن چيو ته  هن جاچ ڪرائي آهي جنهن ۾ وي سي ۽ پروفيسر آجا نڪتا آهن جن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي اسپتالن جو ٻيڙو ٻڏل آهي، جنهن کي  هو تارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي .

عذره پيچوهو چيو ته بهترين ادارو قائم ڪرڻ تي هو ڊائريڪٽر کي جس پيش ڪري ٿي، جڏهن ته هو صحت کاتي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| جهڏو: ٽائون انتظاميا جي نااهلي،رولو ڪتن 6 معصوم ٻارن سميت 13 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

جهڏي ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب  شهر ۾ رولو ڪتن 6 معصوم ٻارن سميت 13 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے