16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |حيات پتافي: اسڪول ۾ 50 شاگردن لاءِ رڳو هڪڙو استاد مقرر تعليم متاثر ٿيڻ لڳي

حيات پتافي ڀرسان اسڪول ۾ 50 شاگردن لاءِ رڳو هڪڙو استاد مقرر ۽ ايس ايم سي فنڊ بند هجڻ سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي.

1985 ۾ قائم ڪيل پرائمري اسڪول جمشير بوزدار ۾ 50 شاگردن لاءِ رڳو هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، 5 سالن کان ايس ايم سي فنڊ بند هجڻ سبب اسڪول ۾ ڪا به سهولت ناهي.

اسڪول جي چوديواري نه هجڻ ۽ زبون عمارت سميت ٻيون سهولتون نه ملڻ سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي، 50 شاگردن لاءِ مقرر استاد کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ماهوار 8 هزار رپيا ڏين ٿا.

هيڊ ماستر نصر الله موجب اسڪول ۾ استادن جي سخت کوٽ آهي، سهولتون نه هجڻ سبب شاگرد ۽ هو ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هوڏانهن ڳوٺاڻن تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته نئين سر اسڪولي عمارت اڏائي سموريون سهولتون ڏين ته جيئن ٻارڙن جو مستقبل بچي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے