14 بدھ , نومبر 2018

آمريڪا مان پاڪستاني شهري ڊيم فنڊ لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ڊيم لاءِ پرڏيهه مان ايندڙ فنڊ جي ذميواري سينيٽر فيصل جاويد جي حوالي ڪئي آهي جنهن کي پاڪستان ڄائي آمريڪي شهري هڪ ارب ڊالر عطيو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان ڊيِم جي تعمير لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن کي اهم ٽاسڪ ڏنو آهي.  سينيٽر فيصل جاويد پرڏيهه وڃي ڊيم جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪندو. سينيٽر فيصل جاويد وزير اعظم عمران خان کي ٻڌايو ته آمريڪا م رهيل پاڪستاني شهري وزير اعظم جي آواز تي  لبيڪ چوندي هڪ ارب ڊالر عطيو ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن تي وزير اعظم عمران خان خوشي جو اظهار ڪندي سمنڊ پار پاڪستانين کي جذبي کي ساراهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، جاچ ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني واري علائقي ڪلفٽن ۾ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ کانپوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے