16 جمعہ , نومبر 2018

پنجاب حڪومت جو گذريل حڪومت جا سٺا منصوبا ختم نه ڪرڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت مسلم ليگ ن جا شروع جي ڪيل سٺا منصوبا ختم نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صوبائي سڌُ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو ته پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ اورنج لائين ٽرين سميت ٻين منصوبو جو جائزو ورتو ويو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته پنجاب ڪابينا ۾ اڄ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پراڻي حڪومت جي سٺن منصوبن کي ختم نه ڪيو وڃي. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان جي هدايت تي پنجاب پوليس کي غير سياسي بڻائڻ جي لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون، ڏيڍ مهيني ۾ ڪميشن سموريون سفارشون وڏي وزير کي پيش ڪندي، پنجاب پوليس کي خيبرپختونخواهه پوليس جيان غير سياسي ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڊيم فنڊن بابت اهم فيصلن سميت پنجاب ڪابينا هڪ مهيني جي پگهار ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي، ڊيم بڻايو تحريڪ ۾ پنجاب ڪابينا وزير اعظم کي ڀيشا پيش ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے