21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ڪرپشن ۽ بدامني سماج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: فروغ نسيم

قانون واري وفاقي وزير  فروغ نسيم چيو آهي ته ڪرپشن ۽ بدامني سماج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، وڪيلن کي سياسي پارٽين جي ايجنڊا تي نه هلڻ گهرجي.

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي جي قسم نامي واري تقريب کي خطاب ڪندي فروغ نسيم چيو ته وزارت هڪ پاسي ۽ ڪراچي بار ٻئي پاسي آهي، سڀ کان اڳ بار آهي، بعد ۾ وزارت آهي.

هن چيو ته سول سروس بيوڪريسي ۾ ميرٽ تي ڀرتيون نٿيون ٿين، هاڻي ميرٽ تي ڀرتيون ٿيڻ سان هر ڪنهن لاءِ بهتر ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ ۾ قابليت نه رکندڙ ڪيترائي جج آهن، جڏهن هو ڪم نٿا ڄاڻن ته هو وڪيلن سان بداخلاقي ڪن ٿا، عدالتي ضابطن جو خيال رکڻ گهرجي.

ان کان اڳ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي تقريب ۾ سينيئر وڪيل جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي وڪيلن کي قسم کڻايو، جنهن دوران وڪيلن ۽ سيشن ججن به شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے