21 بدھ , نومبر 2018

انڊونيشيا ۾ سياحت جي بس سان حادثو، 21 ڄڻا فوت

جاوا(ويب ڊيسڪ) سياحن جي بس کاهي ۾ ڪرڻ سبب 21 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب انڊونيشيا جي صوبي جاوا جي ضلعي سڪابومي ۾ سياحن سان ڀريل بس تيز رفتاري جي ڪري توازن وڃائي ويٺي ۽ حادثي جو شڪار ٿي وئي. مقامي سياحن ساڀريل بس تقريبن 100 فٽ اونهائي کاهي ۾ وڃي ڪري جنهن جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ادارن موجب حادثي وقت بس ۾ 37 سياح موجود هئا جڏهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيلن مان 9 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي سينيٽرن جو صدر ٽرمپ کان محمد بن سلمان خلاف ڪارروائي جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڊيموڪريٽ ۽ ري پبلڪن پارٽي جي سينيٽرن صدر ٽرمپ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے