20 منگل , نومبر 2018

نيوز |ملير: وڪيل لطف الله سيلرو پاران ججز ۽ وڪيلن جي مان ۾آجياڻو

ملير بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل لطف الله سيلرو پاران ججز ۽ وڪيلن جي مان ۾ عيد ملن پارٽي ۽ آجياڻو ڏنو ويو.

آجياڻي تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير مشتاق احمد لغاري، ايڊيشنل سيشن جج شفيع محمد پيرزادو، محترمه زاهده پروين ۽ ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو، جنرل سيڪريٽري حسن ٽڳڙ، سينئر صحافين راجا بلوچ، عرفان ميمڻ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ملير ڪورٽ جي سينئر وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سينئر وڪيل لطف الله سيلرو چيو ته عدالتن ۾ عام ماڻهو کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ وڪيلن جو وڏو ڪردار آهي، جڏهن ته  ملير جي وڪيلن عام ماڻهو کي انصاف ڏيارڻ توڙي جمهوريت جي بحالي ۽ ملير جي عدالتن ۾ شهر منتقلي واري عمل خلاف جدوجهد ۾ هميشه اڳڀرا رهيا آهن.

هن چيو ته ملير جوڊيشلي ۽ بار ۾ بهتر تعلقات آهن ملير جي صحافين ۽ وڪيلن هميشه مظلوم طبقي لاءِ عملي جدوجهد ڪئي آهي.

لطف الله سيلرو چيو ته عيد ملن پارٽي ڪرڻ جو مقصد هڪ ٻئي سان گڏجي ڪچهري ڪري حال احوال ڏيڻ ۽ وٺڻ جو هڪ بهانو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي مداحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے