18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |گاجي کهاوڙ: زمين تي مبينا قبضي خلاف گوپانگ برادري جي ماڻهن جو ڌرڻو

گاجي کهاوڙ ۾ زمين تي مبينا قبضي خلاف گوپانگ برادري جي ماڻهن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .

گوپانگ برادري جي عورتن ، ٻارڙن ۽ مردن  قرآن پاڪ کڻي ميهڙ، واهه ۽ نصير آباد روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو .

فياض گوپانگ ۽ بلاول گوپانگ  ميڊيا آڏو دانهيندي  الزام مڙهيو ته بااثر  ارشاد شاهه ۽ روحل شاهه  سندن زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي .

هنن چيو ته بااثر کين قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته زمين سندن رڪارڊ تي آهي .

گوپانگ برادري آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته  بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : گهارو: پرامن احتجاج دوران سندن  مٿان  ڪوڙي  ايف آئي آر ڪاٽي وئي: عمر ناهيون

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي اڳواڻ عمر ناهيو ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے