11 منگل , دسمبر 2018

نيوز |بدين : تلهار اسڪول لاءِ آيل ڪتاب ڪچري جي ڍير مان ملڻ جو انڪشاف، وڊيو وائرل

تلهار جي مين پرائمري اسڪول جي  شاگردن لاءِ آيل ڪتاب ڪچري جي ڍير مان ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته وڊيو  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٿرٿلو مچي ويو آهي.

گذريل ڏينهن گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول تلهار ۾ سنڌ حڪومت پاران شاگردن جي انرولمينٽ تحت آيل ڪتاب گند ڪچري جي ڍير مان مليا آهن.

ڪچري مان هٿ اچڻ واري وڊيو  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صحافي اسڪول پهچي تفصيل ورتا .

سڄاڻ ڌرين  مطالبو ڪيو ته اسڪول انتظاميه خلاف  سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

ٻئي  پاسي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر تلهار ابراهيم  ڏيٿو رابطي ڪرڻ تي چيو ته اها هن جي  نه پر  هيڊ ماستر جي ذميواري آهي، باقي هن معاملي جي  هن  کي ڪا به ڄاڻ ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے