17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |ملير: تعليم جي عالمي ڏهاڙي تقريب، شاگردن کي انعام ڏنا ويا

ملير  ۾تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌي مسلم سوسائٽي جي گورنمينٽ اسڪول ۾تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب ۾ڊپٽي ڪمشنر ملير عابد علي شيخ، ڊي او ملير نور احمد سولنگي،ايم پي اي سليم بلوچ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي ملير عابد علي شيخ چيو ته تعليم انسان جي ٽين اک آهي، تعليم کان بنا انسان اڌورو آهي، هن چيو ته تعليم سان گڏ هنر به ضروري آهي.

ڊي سي ملير چيو ته ملير ضلعي ۾ جلد سرڪاري اسڪولن جي شاگردن ۾ ڪامپٽيشن ڪرايو ويندو، جنهن ۾ پهرين پوزيشن ماڻيندڙ شاگرد کي 25 هزار روپيا، ٻي پوزيشن واري کي 20 هزار روپيا ۽ ٽين پوزيشن ماڻيندڙ شاگرد کي 15 هزار انعام ڏنو ويندو.

تقريب ۾ اسڪول جي ٻارن پاران تعليم جي حوالي سان ٽيبلوز پيش ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: غلام نبي شاھ: جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن  جو پاڻي نه پهچڻ خلاف مظاهرو

غلام نبي شاھ ۾ جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن ٽن مھينن کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے