21 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ | ٽنڊو آدم : خان صاحب استاد منظور علي خان جي 38 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

سنڌ جي سدا بهار فنڪار، راڳ جي راڻي خان صاحب استاد منظور علي خان جي اڄ 38 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.

صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ ڀلوڙ ڪلاسيڪل  راڳي استاد منظور علي خان 1922 ع ڌاري شڪارپور ۾گويي استاد جمالو خان جي گهر ۾ جنم ورتو.

مائٽن سندس نالو محمد خان رکيو هو پر سندس مرشد سائين مهدي شاھه جهانيان واري سندس نالو مٽائي منظور علي خان رکيو.

سنڌ جي هن نامياري راڳي صرف پرائمري پنجين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي، گواليار گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري کيس ننڍي هوندي کان ئي راڳ جو تمام گهڻو شوق هو.

استاد منظور علي خان ننڍپڻ کان ئي ٽپو، مرکنڊ ۽ درپت راڳ جي سکيا پنهنجي والد جمالو خان کان حاصل ڪئي جڏهن ته راڳ جي باقائده سکيا پنهنجي سئوٽ سينڌي خان کان ورتي ۽ اٺن ورهين جي ڄمار ۾موسيقي جي دنيا ۾ پير پاتو.

ان وقت شڪارپور ڪلاسيڪل موسيقي جو وڏو مرڪز هو، جتي استاد بيبو خان، استاد مبارڪ علي خان، استاد بڙي غلام علي خان، ڀيم سين جوشي سميت ٻيا ڪيترائي گويا محفلن ۾ حصو وٺندا هئا.

استاد منظور علي خان لاهور ۾ هڪ ڪلاسيڪل موسيقي جي مقابلي ۾ پڻ شرڪت ڪئي، جتي هن استاد اميد علي خان کي شڪست ڏني.

استاد منظور علي خان جو نالو 15 ورهين جي ڄمار ۾ وڏن گوين جي فهرست ۾ شمار ٿيڻ لڳو، هو هميشه عوامي ميڙن، بزرگن جي ميلن ۽ عام ماڻهن جي اڳيان ڳائڻ کي ترجيح ڏيندو هو ۽ شاهه لطيف، سچل سرمست سميت صوفي بزرگن جي ميلن ضرور حاضري ڀريندو هو.

استاد منظور علي خان جا هوئن ته سڀ ڪلام مشهور ٿيا پر، خاص ڪري “ پرچن شال پنهوار ” “ ويندس يار مري ” “  عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آهي ” ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام تمام گهڻا ٻڌا وڃن ٿا.

استاد جڏهن ڳائيندو هو ته سندس سُر ۽ لئي سان گڏ سندس سرگم تي ماڻهو جهومندي نظر ايندا هئا. هن ڀٽائي ۽ سچل سرمست سميت صوفي شاعرن کي ڳائي گهڻي مقبوليت ماڻي.

استاد منظور علي خان پنهنجي راڳ ذريعي سنڌي ثقافت، تهذيب، تمندن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو.

استاد هر رنگ ۾ ڳائيندو هو، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، ڪافي، غزل، ٺمري ۽ آخر ۾خيال به استاد منظور علي خان بهترين انداز سان ڳايو، هن موسيقي جي دنيا ۾نوان تجربا ڪيا.

استاد منظور علي خان شڪارپور مان لڏي ٽنڊي آدم جي جمن شاھه پاڙي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽1942 ع ۾ ڪلاسيڪل ڳائڻي اميد علي خان جي ڀيڻ سان شادي ڪئي جيڪا رشتي ۾سندس سئوٽ پڻ هئي، جنهن مان کيس ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو.

هن ٽنڊي آدم ۾منظور علي خان اڪيڊمي جي نالي سان موسيقي جو ادارو قائم ڪيو، جنهن مان ڪيترائي شاگرد وڏا فنڪار ٿي نڪتا، جن ۾ سندس ڀاڻيجو استاد وحيد علي خان، عابده پروين، استاد محمد يوسف، انور حسين وسطڙو، قمر سومرو، استاد گلزار علي، دين محمد دمساز، استاد وزير علي خان، استاد مختيار علي خان ۽ ٻيا شامل آهن.

استاد منظور علي خان کي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا ۽ حڪومت پاڪستان پڻ سال 1979ع ۾ کيس پرائيڊ آف پرفارمنس جو صدارتي ايوارڊ ڏنو، ان کانسواءِ، سچل ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ سگا ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا.

فن جي سکيا ڏئي ڪيترائي وڏا فنڪار پيدا ڪندڙ هي عظيم راڳي 9 سيپٽمبر 1980 ع ۾ سنڌ واسين ۽ راڳ جي قدرانن کي سوڳوار ڪري هميشه لاءِ وڇڙي ويو، پر سندن سدا بهار ڪلامن اڄ به هر هنڌ گونجي رهيا آهن.

سليمان ساند عوامي آواز ٽي وي ٽنڊو آدم..

 

رپورٽ : سليمان ساند

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڪشمور: درگاهه عاليه  ڀرچونڊي شريف کان ريلي ڪڍي وئي

*ڪشمور  ۾ درگاهه عاليه  ڀرچونڊي شريف کان ميان عبدالحفيظ قادري جي اڳواڻي  ۾ ھڪ وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے