14 بدھ , نومبر 2018

پاڻمرادو نوٽيسن جي جائزي جو اعلان، جج به غلطيون ڪندا آهن: چيف جسٽس

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadاسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيسن جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 184 ٽي تحت نوٽيس جي تشريح ۽ اختيارن جي دائري جون حدون مقرر ڪرڻ لاءِ سمورين درخواستن کي گڏائي ڇڏيو آهي جڏهن ته چيف جسٽس ثاقب نثار جوچوڻ آهي ته عدالت پنهنجي پاڻمرادو اختيارن کي ريگوليٽ  ڪرڻ چاهي ٿي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت آرٽيڪل 184 ٽي جي اختيارن جي دائري کي جاچڻ چاهي ٿي، اسان پنهنجي اختيارن کي ريگوليٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، عدالت اهو ڄاڻڻ چاهي ٿي ته آرٽيڪل 184 ٿري جي معاملي ۾ اختيار ته نه پيا اورانگهيا وڃن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جج ۽ عدالتون غلطين کان پاڪ نه هوندا آهن، آرٽيڪل 184 ٿري جي اختيارن جو دائرو ڇا هجڻ گهرجي ان معاملي تي ٻن سينيئر وڪيلن کي به عدالتي معاون مقرر ڪنداسين. عدالت معاونت لاءِ اٽارني جنرل، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کي نوٽيس جاري ڪري ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ عام مفاد ۾ کنيل 70 پاڻ مرادا نوٽيس عمل ٿيڻ سبب اڪلائي ڇڏيا.  عدالتي حڪم تي 70 نوٽيسن بابت رپورٽ پيش ڪندي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته متاثر ذاتي طور تي چيف جسٽس جا ٿورا مڃڻ چاهين ٿا. چيف جسٽس چيو ته جنهن جا معاملا اڪلايا ويا آهن، اهي هٿ کڻي ملڪي سلامتي لاءِ دعا ڪن. مون پنهنجو فرض ادا ڪيو، ڪنهن تي ڪو احسان نه ڪيو اٿم ۽ ذاتي تشهير جو ڪو شوق نه آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت 2 معصوم ڀائر مٽي ماءُ حوالي، رشتيدارن جا بيان قلمبند

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي زم زمه ۾ هڪ هوٽل مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے