16 جمعہ , نومبر 2018

صبح يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن/ 2018-09-09

*ملڪ جو تيرهون چونڊيل صدر عارف علوي اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي رهيو آهي،اڄ منجهند جو چيف جسٽس آف پاڪستان نئين چونڊيل صدر کان عهد جو حلف وٺندو،حلف برداري تقريب ۾ وزير اعظم، آرمي چيف   ۽ وفاقي وزير به شرڪت ڪندا…………………

*قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ميان شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڪميشن جڙڻ تائين ڪارروائي هلڻ نه ڏينداسين ………………..

*ڪراچي ۾ ملڪ جو نامور  صحافي ۽ قومي اخبار جو ايڊيٽر الياس شاڪر لاڏاڻو ڪري ويو، کيس سوسائٽي  جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، آخري رسمن ۾ سنڌ سرڪار جي نمائندن ، صحافين ۽ سياسي توڙي سماجي ڌرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، سياسي ۽ سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته  الياس شاڪر جي لاڏاڻي سان صحافت جي ميدان ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي………….

*اوٻاوڙي ويجهو سيهڙ واهه کي 50 فوٽ گهارو ، ڪمند جو سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، گهارو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾  ڪيترائي ڳوٺ ٻڌڻ جو خدشو ، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته واهه جا ڪپر ڪمزور هجڻ سبب گهارو پيو ، وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے