19 پیر , نومبر 2018

يو ايس اوپن فائينل: آمريڪي ٽينس اسٽار سرينا وليمز امپائر کي چور قرار ڏئي ڇڏيو

US Open: American American Star serena williams empires as a thief

نيويارڪ( اسپورٽس ) آمريڪي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جي فائينل ۾ آمريڪي ٽينس اسٽار سرينا وليمز جاپاني مخالف نوامي اوساڪا جي هٿان شڪست تي امپائر تي ڏمري پئي ۽ کيس چور قرار ڏئي ڇڏيائين. نيويارڪ ۾ ٿيل گرينڊ سلم چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ جاپان جي اومي اوساڪا سرينا کي 2-6 ۽ 4-6 تان اپ سيٽ شڪست ڏئي جاپان جي پهرين گرينڊ سلم چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.  راند دوران سرينا جي ڪوچ طرفان کيس اشارا ڪرڻ تي امپائر ڪوڊ وائليشن ڏني ته سرينا تپي باهه ٿي وئي. جنهن تي سندس مخالف کي پوائينٽ ملي ويو. امپائر سرينا تي الزام هنيو ته هوءَ ميچ دوران ڪوچ سان اشارن ۾ ڳالهائي رهي هئي جنهن ناهي جڏهن ته سرينا ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به چيٽنگ ناهي ڪئي ۽ اهڙي ڪاميابي کان هوءَ هار کي ترجيح ڏيندي. جنهن بعد ٻئي سيٽ ۾ سرينا ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجو ريڪٽ زمين تي وهائي ڪڍيو جنهن تي کيس پنالٽي کي پڻ منهن ڏيڻو پيو ۽ ائين سندس مخالف کي وڌيڪ هڪ پوئينٽ ملي. ان تي سرينا امپائر کي ڪوڙو ۽ چور قرار ڏيندي چيو ته هن مڙد رانديگرن جون ميچون به ڏٺيون آهن، هو الائي ڇا ڇا ڪندا آهن پر انهن کي ڪجهه ناهي چيو ويندو، پر مان عورتن جي حقن لاءِ وڙهندي رهنديس. ميچ جي پڄاڻي تي امپائر جاپاني رانديگرياڻي اومي اوساڪا جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ته سرينا وليمز جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جي شاهجهان خان ڪينيڊا اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتي

اوٽاوا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي شاهجهان خان پي ايس اي ڪينيڊا اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ پنهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے