18 اتوار , نومبر 2018

علي بابا ڪمپني جي شريڪ باني ۽ ايگزيڪيٽو چيئرمين جيڪ ماڪا پاران عهدو ڇڏڻ جو اعلان

Joint Chairman and Executive Chairman of Ali Baba Company, Announcement announcement by Mr. Mukaبيجنگ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي مشهور ترين آن لائن ڪامرس ڪيمپنين مان هڪ چيني ڪمپني علي بابا جي شريڪ باني ۽ ايگزيڪيٽو چيئرمين جيڪ ماڪا پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جيڪ ماڪا طرفان پنهنجي عهدي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان سڄي دنيا جي ڪاورباري ادارن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مشهور ڪاروباري نشرياتي ادارن لکيو آهي ته سندس طرفان عهدو ڇڏڻ هڪ دور جي پڄاڻي نه پر نئين دور جي شروعات آهي. ياد رهي ته 53 ورهين جي جيڪ ماڪا ٻين 18 ماڻهن سان گڏجي 1999 ۾ مشهور آن لائين واپاري سائيٽ علي بابا ٺاهي هئي. ان ويب سائيٽ کي ٺاهڻ جو مقصد چين جي شين کي عالمي منڊي ۽ ٻين ملڪن تائين آساني سان پهچائڻ هو. شروعاتي ڪجهه سالن ۾ ان ڪمپني ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏنو، پر هن وقت علي بابا جو شمار دنيا جي وڏين آڻ لائين ڪمپينن ۽ ويب سائيٽن ۾ ٿيندو آهي. هڪ رپورٽ موجب هن وقت علي بابا جي ڪل ملازمن جو انگ 68 هزار آهي ۽ ان جي اثاثن جي ماليت 4 کان 20 ارب ڊالر(420 پاڪستاني کرب رپين کان وڌيڪ) آهي. جيڪ جتي هن ڪمپني جو شريڪ باني هو، اتي ئي هن گذريل ڪيتيرن ئي سالن کان هن ڪمپني جي اعليٰ ترين عهدي يعني ايگزيڪيٽو چيئرمين طور ڪم ڪندي ڪمپني کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. جڏهن ته هاڻ جيڪ ماڪا علي بابا جي ايگزيڪٽو چيئرمين جي عهدي تان استعفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هو سومر 10 سپٽمبر تي پنهنجي عهدي کان ڌار ٿي ويندو. رپورٽ موجب جيڪ ماني هاڻ علي بابا لاءِ خدمتون ڏيڻ بجاءِ تعليم ۽ انساني ڀلائي وارن ٻين منصوبن تي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايگزيڪيٽو چيئرمين جي عهدي تان ريٽائرمينٽ وٺڻ باوجود جيڪ ماڪا علي بابا جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر رهندو ۽ هو ان ڪمپني جو شريڪ باني پڻ رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے