سوڀيديري ۾ شهرين پاران ويهه ورهيه گذرڻ باوجود به مک روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.
شھرين نظير احمد چنا، جميل پيرزادي، رانجھن سامٽئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .
شهرين چيو ته سوڀيديري شھر جو مين روڊ گذريل ويھن سالن ۾ به نه ٺهي سگهيو آهي.
هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ترت روڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .