13 منگل , نومبر 2018

احسان ماني پنهنجن اختيارن جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو

PCC Chairman ready to sacrifice their powersڪراچي(اسپورٽس نيوز) ” نئين پاڪستان “ ۾ نيون روايتون سامهون اچڻ لڳيون، پي سي بي چيئرمين پنهنجا ئي اختيار قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اها روايت رهي آهي ته هر نئون چيئرمين پنهنجي ڪرسي پڪي ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهيندو آهي، پر هن ڀيري سڀ الٽو ٿيندو، احسان ماني پي سي بي چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪرڻ لاءِ پي سي بي جي آئين ۾ تبديلي ڪرڻ چاهي ٿو، پوءِ کڻي ان سان بورڊ ۾ ڪو به اچي فيصلن جو تسلسل برقرار رهندو. حڪومتي جي تبديلي تي نئون سربراهه اچڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، اڳوڻا چيئرمين عهدو سنڀالڻ بعد گذريل دور جا پروجيڪٽ روڪيندا آيا آهن پر نئين آئين جي جوڙ جڪ ۾ ائين نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته سي اي او ساڳو ئي رهندو. ذريعن موجب احسان ماني پي سي بيءَ ۾  ڪاروپوريٽ ڪلچر آڻڻ چاهي ٿو، ان لاءِ ماهرن کي مقرر ڪيو ويندو، هو پنهنجي شروعاتي ڪانفرنس ۾ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر آڻڻ جو اشارو ڏئي چڪو آهي، هاڻ ايندڙ 5، 4 مهينن ۾ آئيني ترميم بعد ان پوسٽ جو اشتهار جاري ڪيو ويندو، هر لحاظ کان قابل شخص  کي ئي ان عهدي تي مقرر ڪيو ويندو، ضروري ناهي ته ڪنهن ڪرڪيٽر کي سي اي او بڻايو وڃي گهڻي قدر امڪان اهي ئي آهن ته ڪارپوريٽ  جو پس منظر رکندڙ ڪو به شخص اهو عهدو سڀاليندو، ان سان گڏ ئي سي اي او لاڳيتو ڪم ڪندي فيصلن تي عمل درآمد ڪرائيندو، ان صورت ۾ پي سي بي چيئرمين جو عهدو رڳو علامتي هوندو جنهن وٽ اختيار نه هوندا، سندس روز آفيس اچڻ پڻ ضروري نه هوندو. ماضي ۾ ذوالفقار شاهه بخاري جي دور ۾ پڻ چيئرمين جي پوسٽ رسمي هوندي هئي. ان سان گڏ  پي سي بي پيٽرن ان چيف وزيراعظم عمران خان جي تجويز تي احسان ماني ڊپارٽمنٽل ڪرڪيٽ کي پڻ ختم ڪري ڇڏيندو، ريجنز جو انگ پڻ گهٽ ڪيو ويندو، پر ان حوالي سان سوچ ويچار جاري آهي ته ڊپاٽمنٽل ٽيمن کي ختم ڪرڻ سان ڪٿي رانديگرن کي مالي نقصان نه ٿئي، متبادل پلاننگ سامهون اچڻ بعد ئي عمل درآمد ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے