13 جمعرات , دسمبر 2018

صادق محمد کي عهدي جي نه پر دعائن جي ضرورت آهي: شاهد آفريدي

Sadiq Mohammad needs claims on the basis of Shahid Afridi: Shahid Afridiڪراچي( اسپورٽس نيوز ) شاهد آفريدي ۽ صادق محمد جي وچ ۾ لفظي جنگ شروع ٿي وئي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي صادق محمد کي تنقيد جو نشانو بڻايو، شاهد آفريدي چيو ته اڳوڻي ٽيسٽ اوپنر جي عزت پنهنجي جاءِ تي پر کيس بنگلاديش ۾ شيڊول انڊر 19 ايشيا ڪپ ٽورنامنٽ لاءِ پاڪستان ٽيم جو منيجر بڻائڻ درست فيصلو ناهي، هن وقت کيس عهدي جي نه پر دعائن جي ضرورت آهي، هاڻ کيس آرام ۽ پاڪستان جونيئر ٽيم جو منيجر ننڍي ڄمار وارو هئڻ گهرجي، بهتر ته ائين ٿئي ها يونس خان يا مصباح الحق کي موڪليو وڃي ها،  صادق محمد کي بورڊ ۾ ڪا به ذميواري ڏيڻ گهرجي. ان بيان تي صادق محمد به شاهد آفريدي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اڳوڻي ڪپتان ۽ ذاتي ڪاوڙ جي بنياد تي منهنجي خلاف بيان ڏنو آهي، ماضي ۾ انگلينڊ جي دوري کان اڳ خراب انداز ۾ بيٽنگ ڪرڻ تي مان کيس دڙڪا ڏنا هئا ۽  کيس ٽيڪنيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ چيو هو، آل رائونڊر اها ڳالهه دل تي ورتي ۽ هاڻ موقعو ملڻ تي منهنجي خلاف بيان ڏئي پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي رهيو آهي. هن چيو ته کيس پاڪستان انڊر 19 ٽيم جو ڪوچ نه پر مينجر بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته صادق محمد جي عمر 73 ورهيه آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڳوڻي ڪرڪيٽر طرفان کيس منيجر بڻائڻ تي تنقيد ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پاڪستان کي شڪست ڏئي هاڪي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي ڪراس اوور رائونڊ ۾ بيلجيئم جي ٽيم پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے