22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |گھوٽڪي:  ميونسپل چيئرمين جي نااهلي سبب  شهر گندگي جي ور چڙهي ويو،احتجاج

گھوٽڪي:  ۾ ميونسپل چيئرمين جي نااهلي سبب  شهر گندگي جي ور چڙهي ويو.

گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي  تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو،  انور آباد، شهباز ڪالوني، ڀٽائي نگر، فيروز ڪالوني ، رحم والي ۽ ٻيا علائقا گندگي جي ور چڙهي ويا آهن.

ميونسپل چيئرمين اصغر شاھ جي لاپرواهي سبب  شهر جا ڪيترائي علائقا بدبودار بڻجي ويا ۽  گندگي سبب ٻارڙن ۾ دست الٽي جون بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن.

شهرين عبدالقادر منگي، فهيم مهر ۽ ٻين چيو ته شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي پر ميونسپل چيئرمين آرامي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ترت شهر جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شڪارپور: ٽرالر ڪلٽي، 2 زخمي، هزارين لٽر تيل ضايع

*شڪارپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار کي بچائيندي ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو جنهن سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے