11 منگل , دسمبر 2018

نيوز | حيدرآباد : سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو مرڪزي ساليانو ڪنوينشن

حيدرآباد ۾ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو مرڪزي ساليانو ڪنوينشن سنڌي لئنگئج اٿارٽي جي هال ۾ ٿيو جنهن ۾ ايس ايس او جي نئين باڊي چونڊي وئي.

نئين چونڊيل عهديدارن صدر عادل چانڊيو ۽ ٻين کان  اي جي پي اڳواڻ ابرار قاضي حلف ورتو .

ڪنوينش کي خطاب ڪندي صدر امان الله شيخ ، ابرار قاضي، نذير قريشي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي تعليمي صورتحال انتهائي خراب آهي.

هنن چيو ته  تعليمي ادارن اندر تعليم دشمن ماڻهن  جي ڪري سنڌ جا شاگرد معياري تعليم کان محروم آهن.

هنن چيو ته سنڌ جا هزارين اسڪول بند آهن هزارين  اسڪولن جون عمارتون زبون ٿي چڪيون آهن، لکين  شاگرد اسڪولن کان ٻاهر آهن.

هنن چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل تعليم آهي، جيڪڏهن پڙهيل لکيل سنڌي سماج هوندو ته هو سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪري سگهندو، سنڌ جي خوشحالي معياري تعليم سان جڙيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے