18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |سکر :  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي غير قانوني ڀرتين خلاف اميدوارن جو احتجاج

سکر ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظام هيٺ   انجينئرنگ  2017 جي امتحان ۾ حصو وٺندڙن اميدوارن الزام هنيو آهي ته  غلط ۽ غير قانوني ڀرتي ڪري سندن حق تلفي ڪئي وئي آهي.

اورزنگزيب لغاري ، مھنجنداس ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جا ريڪارڊ قائم ڪري ورتا آھن

هنن ٻڌايو ته  امتحان ۾ ميرٽ تي  پاس ٿيندڙن کي نظرانداز ڪري رشوت عيوض سيٽون وڪرو ڪيون ويون جيڪا  ميرٽ جي لتاڙ آھي

ھنن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين به ان ڪري عھدي تان استعيفيٰ ڏني ھئي ڇوته ان وقت به ڪميشن ۾ ڪرپشن جي بازار گرم ھئي.

هنن  چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ڪميشن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ميرٽ تي پاس ٿيندڙ اميدوارن سان انصاف ڪيو وڄي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٻهارا: جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان ريلي

*ٻهارا  ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان ريلي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے