18 اتوار , نومبر 2018

آمريڪي عدالت ٽرمپ جي وڌيڪ هڪ ساٿي کي قيد جي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

The US Court puts a more affiliate of the Trumpet prison sentence and penalty sentenceواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي عدالت صدارتي چونڊ ۾ روس جي مداخلت بابت بيان ڏيڻ تان شهرت حاصل ڪندڙ ٽرمپ جي اڳوڻي صلاحڪار جارج پاپا ڊو پولس کي 14 ڏينهن جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي  رپورٽن موجب آمريڪي صدر جي ويجهي ساٿي ۽ چونڊن وقت سندس صلاحڪار جا فرض انجام ڏيندڙ جارج پاپاڊولس کي ايف بي آءِ  سان غلط بياني ۽ جاچ ڪميٽي کي گهمراهه ڪرڻ جي الزام ۾ 14 ڏينهن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. سزا پوري ڪرڻ بعد به کيس 12 مهينن تائين سخت نگراني ۾ گذارڻا پوندا ۽ 2 سئو ڪلاڪ ڪميونٽي جي خدمتن لاءِ وقف ڪرڻا پوندا جڏهن ته 9 هزار سئو ڊالرن ڏنڊ طور ادا ڪرڻا پوندا. جارج پاپا ڊولس ٽرمپ جو پهريون ساٿي هو جنهن سان 2016 ۾ ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ روس جي مبينا مداخلت جي جاچ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي. مٿس الزام هو ته ان پاڇا ڳاڇا دوران حقيقتن کي ڄاڻي واڻي لڪايو ويو . آمريڪي صدارتي چونڊن جي نتجين تي روس جي اثرانداز ٿيڻ تي هن وقت تائين صدر ٽرمپ جي  6 ساٿين کي سزا ڏني وئي آهي جنهن ۾ ٽرمپ جو وڪيل مائيڪل ڪوهن کي مالي بي ظابطگي، مائيڪل فلين، رڪ گيٽس، اليڪس وين، جارج پاپا ڊولس ۽ رچرڊ پائينڊو کي ايف بي آءِ سان ڪوڙ ڳالهائڻ تي سزا ڀوڳڻي پوندي، ان کانسواءِ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ 13 روسي شهرين ۽ 12 روسي آفيسرن تي پڻ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے