16 جمعہ , نومبر 2018

مصر: اخوان المسلمون جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ تي 75 جوابدارن کي موت جي سزا

Egypt: 75 executives punish the death penalty for joining the Muslim Brotherhoodقاهرا( ويب ڊيسڪ ) مصر جي عدالت اخوان المسلمون جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ تي 739 جوابدارن کي مختلف سزائون ڏنيون آهن جن مان 75 ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب مصر ۾ 739 ڄڻن کي سزائون ٻڌايون ويون آهن جن 2013 ۾ صدر محمد مرسي جي خلاف فوجي بغاوت بعد اخوان المسلمون جي احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي. فوجي عدالت 75 ڄڻن کي موت جي سزا، 47 ڄڻن کي عمر قيد جڏهن ته باقي جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جون مختلف سزائون ٻڌايون ويون. جوابدارن تي ملڪي سلامتي خلاف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ، سيڪيورٽي اهلڪارن جي قتل ۽ سرڪاري عملي کي نقصان پهچائڻ جا الزام لڳايا ويا هئا. جن ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي انهن ۾ اخوان المسلمون جي مشهور اڳواڻن اعصام العريان ، محمد بلتاجي ۽ مشهور اسلامي مبلغ صفوت  حجازي پڻ شامل آهي. عمر جي سزا ملندڙن اڳواڻن ۾ اخوان المسلمون جو سربراهه محمد بديع پڻ شامل آهي جڏهن اڳوڻي صدر محمد مرسي جي نياڻي اسامه کي ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. هڪ صحافي محمود ابوزيد عرف شوقان کي پڻ پنج ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي سندس ڏوهه احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ ڄاڻايو ويو آهي.کيس گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو سال جي عالمي آزادي انعام سان پڻ نوازيو هو. انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل سندس سزائن کي انتهائي غير منصفاڻو ۽ مصري آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. هيومن رائيٽس واچ پڻ ڪيسن ۽ سزائن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مصري سيڪيورٽي فورسز پنهنجي خلاف احتجاج ڪندڙن گهٽ ۾ گهٽ 817 ماڻهن کي قتل ڪيو جيڪو انسانيت خلاف هڪ وڏو ڏوهه آهي. 3 جولائي 2013 تي مصرجي آرمي چيف عبدالفتاح السيسي اخوان المسلمون سان واسطو رکندڙ محمد مرسي جي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ جي هڪ مهيني بعد ئي تختو اونڌهو ڪيو هو. حڪومت جي حامين مظاهرو ڪندڙن قاهرا جي مشهور چوڪ رابعه العدويه ۾ ڌرڻو هنيو هو. 14 آگسٽ 2013 تي مصري فوج هٿين خالي احتجاج ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪيو جنهن ۾ 2600 ماڻهو مارجي ويا جن ۾ صحافي پڻ شامل هئا. مصر ۾ اخوان المسلمون تي پابندي لاڳو ڪندي ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

18-year boy abducted, killed in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران نوجوان کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ 18 ورهين جي نوجوان کي سادا ڪپڙا پهريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے