14 بدھ , نومبر 2018

ايشياڪپ لاءِ تربيتي ڪيمپ ختم، قومي ٽيم سڀاڻي يو اي اي لاءِ رواني ٿيندي

لاهور( اسپورٽس نيوز )  ايشيا ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ پڄاڻي تي پهتي جنهن بعد رانديگر سڀاڻي گڏيل اماراتن لاءِ روانا ٿيندا. قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ لاءِ آخري تربيتي سيشن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪيو. شهر ۾ برسات سبب ڪرڪيٽرن انڊور اسڪول ۽ جم ۾  انفرادي اسڪلز تي ڪم ڪيو جڏهن ته قومي ٽيم جي رانديگر سڀاڻي ٻيهر نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ گڏ ٿيندا. قومي ٽيم ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي رات گڏيل عرب اماراتن ڏانهن اُڏام ڀريندي. قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد سڀاڻي پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو جنهن ۾ ايشيا ڪپ جي تيارين بابت آگاهه ڪيو ويندو. ياد رهي ته ايشيا ڪپ ۾ قومي ٽيم جي قيادت سرفراز احمد ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان، شعيب ملڪ، ، شاداب خان، امام الحق، بابر اعظم، حارث سهيل، شاهين شاهه آفريدي، جنيد خان، محمد عامر ٻيا شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشن عالمي ڪپ، ڪاميابيءَ جو نسخو ملڻ تائين بيٽنگ ۾ تجربا ٿيندا : سرفراز احمد

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے