20 منگل , نومبر 2018

نيوز ملير: عوامي تحريڪ پاران ڊيمن جي اڏاوت ۽ سنڌ دشمن رٿائن خلاف ريلي

ملير ۾ عوامي تحريڪ پاران ڊيمن جي اڏاوت ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

منان شيخ، عباس، رستم ۽ رخسانه شيخ سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڳوٺ پپري کان ملير پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري ڊئمن ٺاهڻ جو جواز پيدا ڪيو پيو وڃي، ڊئم ٺهڻ جي نتيجي ۾ سنڌ ڀڙ ڀانگ ۽ خشڪ ٿي ويندي.

هنن چيو ته هو سنڌو درياهه تي ڪنهن به بند ٻڌڻ جي سخت مخالفت ڪن ٿا، ايم ڪيو ايم کي پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي حڪومت اتحاد ۾ کڻي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ان معاملي تي پ پ کي سنڌ دشمن اتحاد جي خاموش حمايتي سمجهون ٿا.

سندن چوڻ هو ته بابارحمتي ۽ اسٽيبلشمينٽ پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان سنڌ کي تباهه ڪرڻ جون ڪوششون ڪندي پئي رهي آهي، جنهن سبب جعلي مينڊيٽ ذريعي سنڌ دشمن حڪمران سنڌ تي مڙهي مقصد ماڻيا پيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے