13 منگل , نومبر 2018

نيوز |ڪراچي: ديپڪ راج جو سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرائڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ هاف فراءِ ٿيل ديپڪ راج جي حياتي بچائڻ واري ڪميٽي پاران سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرائڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

ديپڪ راج جي وَني سنيتا راٺوڙ، ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، محبوب عباسي، منير مگسي، تنوير آريجو، سسئي لوهار، الاهي بخش بڪڪ، سائين بخش بنگلاڻي ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو

ان موقعي تي هنن خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد پوليس ديپڪ راج کي ڌاڙيل شريف پنهور ڄاڻائي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيو ويو، جنهن سبب هن جي هڪ ڄنگهه ضايع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٻي ڄنگهه به خراب ٿي رهي آهي

سندن چوڻ هو ته نوجوان ديپڪ جي ڄنگهه جو ٽن سالن کان علاج نه ٿيڻ ڪري وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي

سنيتا راٺوڙ چيو ته حيدرآباد پوليس رڳو هڪ زندگي نه پر منهنجو گهر اجاڙي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ هو ته ٽن ورهين کان سندس وَر بستري تي پيل آهي، جنهن جي طبيعت سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته حيدرآباد پوليس ۽ ان وقت جي ايس ايس پي عرفان بلوچ خلاف سخت ڪارروائي ديپڪ راج جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃِي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڀريا سٽي: ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

 ڀريا سٽي ڀرسان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙي جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے