14 بدھ , نومبر 2018

نيوز | ن ليگ کي خلائي مخلوق ٽوڙيو: شاهه محمد شاهه

نون ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه چيو آهي ته نون ليگ کي خلائي مخلوق ٽوڙيو،  وزيراعظم عمران خان چندا خور آهي، چندي سان ملڪ ناهي هلندو.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمد شاهه چيو ته ميان نواز شريف ۽ سندس نياڻي کي 10 سال بيگناهه قيد جي سزا ٻڌائي وئي، سرحدن جي حفاظت ڪندڙن کي پولنگ اسٽيشنن ۾ مقرر ڪري مرضي موجب نتيجا ڏنا.

هن چيو ته خان صاحب عوام کي بيوقوف بڻائي پيو ته هيلڪاپٽر جو سفر سستو آهي، عمران خان چيف جسٽس جو لاڏلو آهي.

سندس چوڻ هو ته هاڻوڪن حڪمرانن ڪوڙ ڳالهايو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڊومور مطالبي کي رد ڪيو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارت ۾ وڃي پاڪستان خلاف ڳالهايو آهي.

شاهه محمد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ مشرف جي ڪابينا شامل آهي، محرم بعد شهباز شريف سنڌ جا دورا ڪندو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے