22 جمعرات , نومبر 2018

ڪراچي پوليس چيف جو کاتي ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ پوليس جي کاتي ۾ وڏي پيماني تي تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن سان خطاب ڪندي اي آءِ جي ڊاڪٽر امير شيخ جو چوڻ هو ته 36 هزار جي پوليس فورس ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته پوليس کاتي ۾ ڏوهارين سان گڏيل ڪجهه ڪارين رڍن کي سنڀلجڻ جو گهڻو موقعو ڏنو ته هاڻ پاڻي مٿي کان گذري چڪو آهي. ڊاڪٽر امير شيخ ڪراچي پوليس ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ٽن مهينن ۾ هر ضلعي جي سطح تي عالمي معيار موجب انٽيروگيشن روم قائم ڪيو ويندو. هن پوليس عملي کي مناسب جاءِ ۽ بهترين فرنيچر ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جاچ واري شعبي کي مضبوط ۽ جديد تقاضائن جي موجب هلائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته جاچ واري شعبي جو ڊيوٽي آفيسر ۽ منشي به 24 ڪلاڪ موجود هوندو ۽ ڇاپي لاءِ هر ٿاڻي ۾ 8 کان 10 پوليس ملازمن تي ٻڌل ” ريڊ پارٽي“ هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے