21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ڪراچي ۾ مهراڻ قومي موومينٽ پاران بي گهر ماڻهن کي گهر ڏيارڻ لاءِ احتجاجي جلسو ڪيو ويو

ڪراچي ۾ مهراڻ قومي موومينٽ پاران بي گهر ماڻهن کي گهر ڏيارڻ لاءِ احتجاجي جلسو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو نبيلا خان، دلشاد بيگم ۽ رياض اختر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ قومي موومينٽ جي ماڻهن بي گهر ماڻهن جي حقن لاءِ  جلسو ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته وزيراعظم عمران خان بي گهر ماڻهن کي گهر ڏيڻ واري اعلان جي آجيان ڪيون ٿا.

هنن چيو ته ڪراچي ۾ هزارين بي گهر ماڻهو آهن، جن کي گهر ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان جي گهر اڏي ڏيڻ جي شروعات ڪراچي کان ڪرڻ واري اعلان تي هو سندس ٿورائتا آهن.

جلسي کي خديجه شيخ، احمد علي، محمد نديم ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے