18 اتوار , نومبر 2018

ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي 13هين صدر جي حيثيت سان عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي 13هين صدر جي حيثيت سان عهدي جو حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ رٿيل تقريب دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار صدر عارف علوي کان حلف ورتو. حلف کڻڻ کان پوءِ صدر عارف علوي حلف نامي تي صحيح ڪئي جنهن سان گڏ ئي ممنون حسين جو پنج سالن وارو مدو ختم ٿي ويو. حلف برداري واري تقريب ۾ وزير اعظم عمران خان، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل زبير محمود حيات شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ خيبر پختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان به شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين: آرمي چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪراچي ۾ سيڪيورٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے