18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |حيدرآباد: يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران فرزانه جمالي کي  حراسان ڪرڻ خلاف بک هڙتال

حيدرآباد ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران شهيد بينظير يونيورسٽي نوابشاهه ۾ فرزانه جمالي کي  حراسان ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي .

سنڌو نواز، حمزه علي چانڊيو، سهيل ڀٽو، فرزانه چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته فرزانه جمالي جي معاملي تي صحت واري وزير جو بيان مذمت جوڳو آهي.

هنن چيو ته  فرزانه جي معاملي ۾ سنڌ سرڪار ڌر بڻيل آهي، سنڌ سرڪار هن معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو عمل شاگردياڻين سان ناانصافي آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن کي هٽائي شاگردياڻين کي حراسان ڪندڙن  کي سزا ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے