23 بدھ , جنوری 2019

نيوز |نوابشاهه: شاگردياڻي فرزانه جمالي جي وارثن پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو

نوابشاهه ۾  شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي  شاگردياڻي فرزانه جمالي کي  انصاف نه ملڻ خلاف شاگردياڻي جي وارثن پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي  جي انگريزي ڊپارٽيمنٽ جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ملي نه سگهيو آهي، جڏهن ته وارثن پاران عدالتن مان ئي انصاف جي اميد ظاهر ڪئي آهي .

شاگردياڻي جي چاچي اقبال جمالي ٻڌايو ته هنن پنهنجي برداري جو ڪٺ طلب ڪيو آهي ، جنهن ۾ وڌيڪ حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي .

هن چيو ته هو وي سي  ارشد سليم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃي رهيا آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ هو پوئتي نه ٿيندا.

هوڏانهن ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه نوابشاهه پهچي فرزانه جمالي سان ملاقات ڪري وارثن کي يقين ڏياريو ته 12 سيپٽمبر تي نوابشاهه ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس پاران مظاهرو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:نوابشاهه: صنعتن ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ ڇو آهي وڇوٽي؟ سيمينار ۾ مقررن ٻڌائي ڇڏيو

نوابشاهه جي قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي  جي ملٽي پرپز هال ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے