21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |گهارو: بااثر پاران ڪوٽر ڪورس ڊاهڻ خلاف آباگارن جو احتجاج

گهارو  ڀرسان  بااثر زميندار آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان آر  ڊي 24 جي واٽر ڪورس تي قبضو ڪري ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، متاثر آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو .

بااثر زميندار پاران واٽر ڪورس بند ڪرڻ سبب  ڪيترن  ئي سالن کان آباد سوين ايڪڙ زرعي زمين سوڪهڙي جوشڪار ٿي ويا آهن.

متاثر آباد گارن جو ڊاٿل واٽر ڪورس تي احتجاجي مظاهرو ڪري  آبپاشي انجنئير ۽ بااثرزميندارخلاف  نعريبازي ڪئي.

آرڊي 24 جي ڳوٺاڻن پير گلزار شاهه حنيف ٿهيم، نورحسن پليجو، امام الدين ٿهيم، غلام محمد جوکيو ،ڏڻي بخش جوکيو.يوسف ٿهيم ۽ ٻين ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته انگريز دور کان قائم ٿيل آر 24 ڪڙيو خالقڏنو ٿهيم کي ڪراچي جي بااثر زميندار واٽر ڪورس تي وڏي زمينداري نه هئڻ باوجود هٿياربندن ذريعي سندن واٽر ڪورس ڊاهي ان تي غيرقانوني اڏاوت ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺاڻن الزام هنيو ته آبپاشي انجنئير ساڪرو پڻ با اثر زميندار جو ساٿاري بڻيل آهي، جڏهن ته واٽر ڪورس تي قبضي سبب آسپاس جي ڳوٺاڻن جي سوين ايڪڙ زمين سو ڪهڙي جو شڪار ٿي وئي آهي،.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، گورنرسنڌ، وزيراعلي سنڌ، آبپاشي جي صوبائي وزير ڪمشنرحيدرآباد،ڊي سي ٺٽوکان مطالبو ڪيو ته آبپاشي ساڪرو جي انجنئيرکي برطرف ڪري بااثر زميندار پاران قبضو ڪيل واٽر ڪورس کي بحال ڪري ڳوٺاڻن جي تباهه ٿيندڙ زمين کي بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے