21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ٺٽو: پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي، 12 جوڙا گرفتار، ڪيس داخل

 ٺٽي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي هوٽل تي گڏيل ڪاروائي ڪندي 12 جوڙن کي  هوٽل مالڪ  سميت گرفتار ڪري ورتو.

ٺٽو پوليس ۽ رينجرز ڳجھي اطلاع ملڻ تي گڏيل ڪاروائي ڪندي ٺٽي جي قومي شاهراھ تي قائم ” جھانزيب “ هوٽل تي چڙهائي ڪري ڪمرن جي تلاشي دوران 13 جوڙن کي سوگھو ڪيو.

حراست ۾ ورتل جوڙن کي پوليس ۽ رينجرز جي نگراني ۾ ٺٽو ٿاڻي تي آندو ويو ، جتي  جانچ پڙتال کانپوءِ 12 جوڙن  ۽ هوٽل کي فحاشي طور هلائڻ جي الزام ۾ مالڪ شاهزيب  ميمڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪيو ويو

سرڪار جي فرياد تي جوڙن ۽ هوٽل مالڪ تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هڪ جوڙو شادي شده هجڻ ڪري کين آزاد ڪيو ويو.

پوليس موجب کين اطلاع مليو هو ته جھانزيب هوٽل ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي مختلف شهرن مان جوڙا اچي فحاشي سرگرميون  ڪن ٿا .

گرفتار ٿيل جوڙن جو تعلق ڪراچي، داٻيجي، گھارو، ملير، ميرپور ساڪرو ۽ ٻين شهرن سان ٻڌايو پيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے