18 اتوار , نومبر 2018

نيوز|سيتاروڊ: ٽائون ڪاميٽي  جي رٿائن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿيڻ جو انڪشاف

سيتاروڊ ٽائون ڪاميٽي ۾ترقياتي ڪمن جي  مد ۾ لکين روپيا مختص ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ به ڪم تي هڪ لک به خرچ نه ٿيو، جڏهن ته بجيٽ خرد برد جو شڪار ٿي وئي .

بجيٽ اجلاس ۾ پ پ پ (شهيد ڀٽو) مخالف ڌر اڳواڻ علي حيدر پليپوٽو رٿ پيش ڪندي چيو  ته هر ڪائونسلر کي پنهنجي ڪارگردگي ڏيکارڻ لاءِ هر وارڊ جي ترقياتي ڪمن ۽ ٻين مامرن لاءِ الگ بجيٽ ڏني وڃي.

اهڙي رٿ تي  اڪثر ميمبرن پاران تائيد ڪرڻ بعد چيئرمين هر وارڊ جي ڪائونسلر کي الگ بجيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

اجلاس ۾ سڀني ميمبرن جي متفقه راءِ سان 07 ڪروڙ 54 لک 61 هزار 950 روپيا ساليانا آمدني مان 7 ڪروڙ 47 لک 52 هزار نو سئو پنجاهه روپيا خرچ ڄاڻائي 7 لک 36 هزار روپيا بچت واري بجيٽ پاس ڪئي .

پبلڪ پارڪ سي سي بلاڪ نالين جا مين ڪراس ۽ ٻين ترقياتي ڪمن لاءِ ڏيڍ ڪروڙ، صفائي لاءِ 50 نوان ملازم ڊيلي ويجز تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ 50 لک رپيا مختص ڪيا ويا.

مينهن جي پاڻي نيڪالي لاءِ مشنري وٺڻ لاءِ 20 لک، شهر جي تنگ گھٽين مان ڪچري کڻڻ لاءِ 8 رڪشا وٺڻ لاءِ 16 لک رپيا مختص ڪيا ويا.

غريب ماڻهن جي مالي مدد لاءِ 15 لک، شهر جي اسڪولن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ لاءِ 10 لک شهر جي چارئي پاسا لوهي پڃرن ۾ وڻڪاري لاءِ 6 لک، مين چوراهن ۾ ٿڌي پاڻي جي واٽر ڪولرن لاءِ 5 لک مختص ڪيا ويا.

شهر جي وارڊن ۾ وڏن ڍٻن ۾ ڪچرو گڏ ڪرڻ لاءِ 5 لک معذورن جي مدد لاءِ 5 لک، ويل چيئر لاءِ هڪ لک، ڪائونسل جي ميمبرن ۽ 2 ٽائون ملازمن ڪل چئن ماڻهن لاءِ ڪڻن جي صورت ۾ عمري جي سعادت لاءِ 5 لک رپيا رکيا ويا.

باهه لاءِ 5 لک ،غريب هوشيار شاگردن جي وظيفي لاءِ 3 لک، ٽائون ملازمن جي عيد ڪپڙن لاءِ 3 لک، راندين لاءِ هڪ لک، ٽائون جي غريب ملازمن جي علاج لاءِ 3 لک رپيا مخصوص ڪيا ويا.

اقليت جي هولي، عيدگاهه،امام بارگاهه، پريس ڪلب لاءِ پنجاهه پنجاهه هزار مختص ڪيا ويا

بجيٽ اجلاس ۾ ٽائون آفيسرخالد حسين ميمڻ،انجنئر عقيل احمد قريشي،پ پ پ جي وائيس چيئرمين عبدالرحمٰن سولنگي،ڪائونسلر عبدالرزاق چانڊيو، فيض محمد چانڊيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، اقليت جي راڻو باگڙي، پ پ پ (شهيد ڀٽو) ڪائونسلر علي حيدر پليپوٽو،بشير سيال سميت عورت ڪائونسلر ڪلثوم ملاح،زبيده جوکيو ۽ شهري پڻ موجود هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے