18 اتوار , نومبر 2018

نيوز | ڪورنگي: وارثن شاگرد صدام جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريلي

ڪورنگي ۾ وارثن ۽ ٻين پاران مقتول شاگرد صدام جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

مقتول شاگرد صدام چانڊيو جي وارثن علي نواز، خادم ۽ شهباز چانڊيو سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مهراڻ ٽائون کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول شاگرد جي وارثن چيو ته 20 ڏينهن اڳ هوٽل تان پاڻي ڀرڻ تان جيهڙي دوران پٺاڻ ڌر جي فائرنگ ۾ صدام چانڊيو قتل ٿيو ۽ امير چانڊيو کي سخت زخمي ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس داخل هجڻ باوجود جوابدار آزاد آهن.

هنن چيو ته واقعي جو ڪيس ڪورنگي انڊرسٽريل ايريا ٿاڻي تي  قدير، شاھ جي، ولي ۽ وحيد پٺاڻ  سميت ٻين اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل آهي، پر پوليس قاتلن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي.

هنن الزام هنيو ته جوابدارن کي مقامي پوليس سميت اعليٰ عملدار جي پٺ ڀرائي آھي،  تنھن ڪري ڏينھن ڏٺي کلي دھشتگردي ڪرڻ باوجود به جوابدار قانون جي پڪڙ کان آجا آھن.

مقتول جي وارثن چيف جسٽس سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  مقتول شاگرد جي قاتلن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪن..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے