18 منگل , دسمبر 2018

نيوز |ڪنب: وياجين پاران پئسا نه ڏيڻ تان پورهيت تي وحشياڻو تشدد

ڪنب ۾  وياج جا پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پورهيت کي سري عام تشدد جو نشانو بڻائي اڌ مئو ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ گل محمد سومرو ۾ پورهيت محمد اڪرم سومرو کي وياجين   لتون، مڪون ۽ ٺونشا هڻي بيهوش ڪري ڇڏيو.

پورهيت محمد اڪرم سومرو پٽ رستم علي سومرو عوامي آواز آفيس پهچي دانهيندي چيو ته بااثر وياجي جڙيل اڄڻ کان 8 کان 10 مهينا اڳ امڙ جي علاج لاءِ هڪ لک ورتو هو، جڏهن ته  بااثر وياجي کي ٻاونجاهه هزار وياج جا ڏئي چڪو آهي پر اهو  اڃان ٻه لک پنجويھه هزار گهري ٿو.

هن چيو ته  هو  غريب آهي، ايترا پئسا نه ٿو ڏئي سگهي ، جنهن تان وياجين هن کي تشدد جو نشانو بڻايو.

پورهيت ايس ايس پي خيرپورکي اپيل ڪئي ته انڪوائري ڪرائي وياجي خلاف ڪارروائي ڪري  کيس انصاف فراهمي ڪيو   وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ شامل ٽارگيٽ ڪلر ڪامران ماڌوري جي ضمانت منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ ملوث ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٽارگيٽ ڪلر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے