13 منگل , نومبر 2018

نيوز |نندو: شمشيرالحيدريءَ جي 87 سالگرهه ملهائي وئي

ڏوڪري  ۾  لطيف جي پارکو، ليکڪ، ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ڪامريڊ نظير عباسي جي ويجهي ساٿي لطف پيرزادي کي ڀٽائي جي بيتن سان ڀيٽا پيش ڪري ٻلهڙيجي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .

لطيف جو پارکو، ليکڪ ،  اديب  ۽صحافي  لطف پيرزادو  کي سخي شاھ جمال جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .

لطف پيرزادي جي جنازي نماز ۾ سينئر صحافي ذلف پيرزادو، ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي، سينئر صحافي زرار پيرزادي ،زيد، امر پيرزادو، رياض پيرزادي، ليکڪ اديب انور ڏنگڙائي، اقرار پيرزادي، حاڪم منگي، انور جونيئر پيرزادي، قاضي آفتاب احمد، اسد ٻگهئي، عبدالرب پيرزادي ،حفيظ پيرزادي، ڊاڪٽر افتخار پيرزادي،ڊاڪٽر اسلم پيرزادي۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تدفين دوران  ليکڪ ۽ اديب انور ڏنگڙائي، اقرار پيرزادي ۽ ٻين لطيف جا بيت پڙهي لطيف جي پارکو لطف پيرزادي کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو .

لطف پيرزادو ايم آر ڊي تحريڪ دوران جمهوريت جي بحالي لاءِ 14 ڪوڙا کاڌا ۽  2سال قيد جي سزا به ڪاٽي، جڏهن ته  هن  ڪميونسٽ پارٽي، هاري تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف سماجي تنظيمن ۽ مزدور يونين جو روح روان رهيو.

لطف پيرزادو جي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، صحافي ۽ ليکڪ انور پيرزادو سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي ۽ هو ڀٽائي جي رسالي جو حافظ هو  .

لطف پيرزادي  قديمي ماڳ موهن جو دڙو کي بچائڻ جي حوالي سان تمام گهڻا مضمون به لکيا، جڏهن ته شهيد سرويچ پيرزادو جو والد هو.

لطف پيرزادي  پونئيرن ۾ 2 پٽ صحافي عنايت پيرزادو، شعور پيرزادو ،3 نياڻيون ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏياآهن.

هوڏانهن مرحوم جو تڏو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ وڇايو ويو آهي، تڏي تي سنڌ لبرل فرنٽ جو چيئرمين نواز خان زنئور، محمد علي خشڪ، ڪامريڊ عرس سيلرو، ڪامريڊ گلاب پيرزادو، صحافي زررار پيرزادو حفيظ پيرزادو ۽ ٻين سندس پٽن سڳنڌ ۽ شعور پيرزادي سان عذر خواهي ڪئي .

هوڏانهن لطف پيرزادو جي لاڏاڻي تي ادبي ۽ صحافتي لڏي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے