13 منگل , نومبر 2018

نيوز: سکر: بيوٽي پارلر جي واش روم ۾ ڳجهي ڪيميرا جو انڪشاف، مالڪ گرفتار

Sukkur: Camera found in beauty parlour, owner arrested*سکر جي مشن روڊ تي قائم بيوٽي پالر تي پوليس ڪاروائي  ڪري واش روم مان خفيه ڪيمرائون  ھٿ  ڪري ورتيون آهن.

پوليس بيوٽي پارلر جي مالڪ ڪامران خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته دڪان کي سيل ڪيو ويو آهي .

  پوليس جو چوڻ آھي ته  بيوٽي پالر مالڪ ڪامران خان  واش روم ۽ مساج روم ۾  خفيه ڪيمرائو لڳايون  جنھن  جو علم بيوٽي پالر ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي به ڪونه ھو.

پوليس موجب  بيوٽي پالر مالڪ  وڊيو ذريعي عورتن کي ڪافي عرصي کان بليڪ ميل ڪندو ھو.

 متاثر عورت جي  نشادھي تي پوليس بيوٽي پالر تي ڇاپو ھڻي خفيه ڪئمرائون ھٿ ڪري بيوٽي پالر مالڪ ڪامران خان کي گرفتار ڪري ورتو بيوٽي پالر مان  چار شراب جون بوتلون به ھٿ  ڪيون ويون آهن ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے