16 جمعہ , نومبر 2018

اسرائيلي فوجي کي چماٽ هڻندڙ ناري جي ٻاهر وڃڻ تي پابندي

فلسطين(م ڊ)اسرائيلي فوج کي چماٽ هڻندڙ نوجوان فلسطيني ناري احد تميمي تي صيهوني رياست پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. عرب ميڊيا موجب احد تميمي کي يورپ ۾ انساني حقن بابت اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃڻو هو پر اسرائيلي حڪومت احد تميمي ۽ سندس گهروارن تي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. احد جي والد باسم تميمي جو چوڻ آهي ته کيس چيو ويو آهي ته هو پرڏيهه سفر نه ٿو ڪري سگهي. هن جو چوڻ هو ته کيس خاندان جي ٻين ماڻهن سان گڏ گذريل ڏينهن اردن وسيلي يورپ لاءِ روانو ٿيڻو هو پر اسرائيلي ۽ فلسطيني اختيارين طرفان وضاحت نه ڏني وئي ته انهن تي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے