20 منگل , نومبر 2018

پوليس هٿان ڄنگهن کان معذور ديپڪ راج جي علاج لاءِ مظاهرو

ڪراچي (رپورٽر ) سول سوسائٽي پاران حيدرآباد پوليس هٿان جڙتو مقابلي ۾ زخمي ٿيل ديپڪ راج جي علاج لاءِ احتجاج ڪيو ويو، 4 سال اڳ پوليس جي سو ڪوڙي مقابلي ۾ ڄنگهن کان معذور بڻيل نوجوان جي زندگي زهر بڻجي وئي، سول سوسائٽي چتاءُ ڏنو آهي ته ديپڪ راج جو سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرايو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ان حوالي سان ڪالهه سول سوسائٽي ۽ قوم پرست پارٽين پاران ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو، محبوب عباسي، زوھيب زرداري، منير مگسي، ايس اين پي وائيس چئيرمين سائين بخش بنگلاڻي، تنوير آريجو، سسئي لوھار، جسقم (بشير خان) جي اڳواڻ صدر الاھي بخش بڪڪ، طارق خاصخيلي، سنيتا راٺوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ديپڪ راج پڙھيل لکيل نوجوان آھي جنھن کي حيدرآباد پوليس چار سال اڳ فتح چوڪ تي ھوٽل مان کنڀي کڻي وڃي گولين جو بَک بڻائي کيس معذور بڻائي ڇڏيو. جنھن جي ڪري ڊاڪٽرن سندس ڄنگھه گوڏي کان مٿان ڪٽي ڇڏي آهي ۽ سندس 5 آپريشن ٿي چُڪا آهن.  پر ڪنھن به قسم جي بھتري اچڻ بجاءِ ويتر ڄنگھه ڪٽجڻ جي ويجھو اچي پھتي آھي. جڏنھن ته ساڄي ٻانھن جا پڻ 2 آپريشن ٿي چڪا آھن پر ان جي باجود به سندس ٻانھن ڪم نٿي ڪري. اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ديپڪ جو سرڪاري خرچ تي پرڏيھه مان علاج ڪرايو وڃي. ۽ سندس معصوم پُٽ روھن جي تعليم جو جوڳو بندوبست ڪري سنيتا راٺوڙ کي سرڪاري نوڪري ڏني وڃي جيئن سندن زندگي آسان گذري سگھي. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته سرڪاري خرچ تي علاج ٿيڻ سميت ٻيا مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اينٽي ڪرپشن ڪم نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس نئب کي موڪليون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪم نٿو ٿئي ته اينٽي ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے